اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يو??يو??سٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آگ??هي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پيش نظر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جي لاءِ يو??يو??سٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يو??يو??سٽين جي وا??يس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي روڪٿام وا??ي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر حسين دراني، انساني حقن وا??ي وزارت جي سيڪريٽري انعام الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يو??يو??سٽين جي وا??يس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يو??يو??سٽين ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ن??هي ڏني، هن چيو ته ان معاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن يو??يو??سٽين ۾ منشيات جي باري ۾ آگ??هي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ايجوڪ??شن ڪم??شن کي وا??يس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگ??هي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ والدين سان ويجها رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
يونيورسٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون