اسلام آ??اد – 06 – مارچ (اي پي پي) عو??مي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ گهرو وز??ر شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وز??راعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب عوام ۽ پگهاردار طبقي جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جه??ي طرح وز??راعظم ختم نبوت جو جهنڊو بلند ڪيو آهي الله پاڪستان ۾ عمران خان جو جهنڊو بلند ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عو??مي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته ماضي ۾ مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ڏهه، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عمران خان تباهه حال معيشت کي جه??ي طرح سهارو ڏنو ۽ 20 ارب ڊالر جي خساري کي سرپلس ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته مون ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جه??ي طرح عمران خان ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي سال گذري ويا آهن، الله وز??راعظم کي نئين سياسي زندگي ڏني آهي. وز??راعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب عوام جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.
وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : quina acumulada