نيويارڪ – 25 س??پٽمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير بابت ڀارتي قدم عالمي قانونن ۽ پاڻ ڀارتي واعدن جي ابتڙ آهن. رابطا گروپ ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت پرامن مظاهرين جي خلاف طاقت ۽ پيلٽ گنز جو استعمال بند ڪري، ڪرفيو هٽائي، سمورن قيدين کي فوري طور تي آزاد ڪري، ڀارت ڪارا ق??نون واپس وٺي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي والاريل ڪشمير ۾ پهچ ڏيڻ سميت هڪ طرفا ق??م واپس وٺي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي پاسدا??ي ڪري. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي تعاون تنظيم جي رابطا گروپ جي اجلاس کانپوءِ پڌرنامو جا??ي ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ