اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ??رڪيه سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن ٻن ڀائر ملڪ?? جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ترڪيه پاڪستان ??و مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپ?? آهن جن کي ٻنهي ڌري?? جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاو?? جي موجوده سطح تي اطمينان ??و اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري وڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان ا?? ايوان ??در ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاندار خدمت?? جي اعتراف ۾ ترڪيه جي چيف آف اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان ??متياز (ملٽري) عطا ڪيو.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : گرم گرم