اسلام آباد – 05 ?? مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر وز??راعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم شهباز شريف 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي گذريل دوري کي ياد ڪندي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسل?? ۾ ??يجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ صدر اڳوڻي وز??راعظم محمد نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن تي وز??راعظم ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔