اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي فرو?? ۽ ??اروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جو شعبو ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ڪمپني ميريڪل ??ال?? ڪليڪٽو ان ڪارپوريشن جي وفد سان ??ال??ائيندي ڪيو جنهن چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد نديم خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ ميريڪل ??ال?? جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪستان جي لوڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪستان جي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ??ه هي منصوبو ان ??ال??ه جو مظهر آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي لاءِ موزون ترين موقعا موجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ??ال??ه هوندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل تحت پاڪستان ۾ ان شعبي جي ترقي جون نيون منزلون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي فرو?? ۽ ??اروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. ميريڪل ??ال?? جي وفد حڪومت خاص طور تي خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جي پاڪستان ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي وڏين اس??اڪ ايڪسچينجز تي آندو ويندو جنهن سان حڪومت ۽ مقامي سي??پڪ??رن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وزيراعظم کي لوڻ جي کاڻين وارن علائقن ۾ مقامي آبادي جي معاشي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.
نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز