اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃ?? ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضر??رت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي طل?? ۽ ??هچ ۽ قيمت تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي تازي پيداوار، طلب ۽ آبادگارن کي فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۽ ا??ٽاڪ ڪڻڪ جي تازي فصل جي لاءِ ڪافي آهي جڏهن ته بفر اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پ??ي وڃ?? جنهن جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهن تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورن صوبن جي ڪابينا ۾ سموريون جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جي حڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃ??، ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي ذخيره اندوزن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني بڻائي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ تي حڪومتي سبسڊي آبادگارن جيڪي ان جا صحيح مستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃ??. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃ??، صنعت واري وزارت ۽ غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت يقيني بڻائي، صوبائي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃ?? ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضر??رت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃ??. هن هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڀاڻ جي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ڀاڻ تي سبسڊي جو بار سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي تناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشا??رت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃ??.
نگران وزيراعظم پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ