اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ مسجدن کي خواندگ?? ۽ ??عليمي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، مسجدون ۽ مدرسا هيٺئين سطح تي اهم سماج?? ۽ ??حت جي م??ئل?? بابت بيداري پ??دا ڪرڻ کانسواءِ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مسجدن ۽ مدرسن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلامي نظريايت ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز، صوبائي وزيرن ۽ اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري اداري جي نمائندن سان گڏوگڏ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر اٽڪل 28 ملين ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي ج??هن جي لاءِ هزارين نئين اسڪولن ۽ اضافي وسيلن جي ضرورت هوندي. هن اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشري پاران غيرروايتي حل ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ جلد سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته مسجدون ۽ مدرسا جمعي جي خطبن جي ذر??عي اخلاقي قدرن، ڀائيچاري، رواداري، امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام کي فروغ ڏئي معاشري جي اصطلاح ۽ معاشرتي براين تي ابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسجدن جي ذر??عي ذهن?? ۽ ??مومي صحت جي م??ئل??، آبادي جي ڀلائي، بين المذاهب هم آهنگي، عورتن جي حقن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي غذائي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ مذهبي معاملن جي وزارتن پاران وفاق?? ۽ ??وبائي سطح تي مسجدن ۽ مدرسن جي شموليت سان ماڻهن کي سماج?? ۽ ??حت جي م??ئل?? بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪيو وڃي.
اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي مقصد لاءِ مسجدن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی