اسلام آباد_01 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير تميم بن خليفه آل ثاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ عيدلاضحٰي جون مبارڪون ڏنيون، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب امير قطر پڻ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ جوابي خير سگالي وارن جذبن جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفا لڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقا??ي اهميت وارن معاملن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ صلاح مشوري وارا رابطا برقرار رکڻ ت?? اتفاق ڪيو، امير قطر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جو مبارڪون ڏيڻ ت?? وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر