اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شاندا?? تقريب منعقد ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب تقريب ۾ سفارتي ڪور ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني ک?? تقر??ب جي خاص مهمان هئي. ان موقعي تي ٻه بحث سيشن ٿيا جن ۾ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اثرن ۽ فوج ۾ سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مملڪتي و??ير حنا رباني کر ۽ سفارتي برادري پاڪستان جي 8 امن فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا ۽ انهن کي گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيد ٿيڻ کانپوءِ اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون