اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر چيو ??هي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ايندڙ ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سفارتي ??اڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ترڪيه جي سفير مهمت پچاجي سميت مختلف ملڪن جي سفيرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر چيو ??ه پاڪستان ۽ ترڪيه واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائي رهيا اهن. هن چيو ??ه پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي ڀرپور امداد ڪئي، پاڪستان ۾ 2010ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران به ترڪيه جي امداد ۽ خدمتون ساراهه جوڳيون هيون، ترڪيه 2005ع جي زلزلي ۾ به پاڪستان جي دل کولي امداد ڪئي هئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر چيو ??ه پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائيچاري جي تاريخ ڪافي پراڻي آ??ي، پاڪستان مان ماڻهن جو هڪ وڏو انگ سير ۽ سياحت جي لاءِ ترڪيه وڃي ٿو. هن چيو ??ه پاڪستان جا ترڪيه سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا دنيا جي ٻين ملڪن جا جدا آهن. حنا رباني کر چيو ??ه پاڪستان کي پنهنجي ترڪ ڀائرن تي سدائين فخر رهيو ????ي، ترڪيه معاشي ۽ سياسي محاذ تي سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي عوامي رابطا آهن. مملڪتي ??زير چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي ويا آهن. وزيراعظم هن سال جون ۽ نومبر ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو ??ڏهن ته ملجم پي اين ايس خيبر جو گڏيل افتتاح پڻ ڪيو ويو. هن چيو ??ه آگسٽ 2022ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??ام??ن جي واپار جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون جنهن جو مقصد 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي حاصل ڪرڻ آهي. ان کان اڳ پاڪستان ترڪه سفارتي ??اڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي مناسبت سان جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ هڪ ڪلچرل نائٽ جو اهتمام ڪيوويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ڪلچرل نائٽ جو اهتمام پرڏيهي وزارت ۽ اسلام آباد ۾ ترڪيه جي سفارتخاني گڏيل طور تي ڪيو هو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀرپور ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن سفارتي ??اڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي ??نهنجي پنهنجي پرڏيهي وزارت ۾ هڪ ئي وقت وڻڪاري جون تقريبون منعقد ڪيون. اسلام آباد ۾ وڻ پاڪستانجي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير گڏيل طور تي ??ڳايو ??ڏهن ته ترڪيه جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير فاروق ڪيماچي ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد انقره ۾ وڻ ل??ايو.
پاڪستان ۽ ترڪيه ايندڙ ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha