ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي، ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي ??يل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پار??ن ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي بنا ڪ??هن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ تبديلي گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قوم??ن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق بحال ڪرائي. سنڌ جي وقتي گورنر چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني سک سان نه ويهندو. آغا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسندن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي: سنڌ جو وقتي گورنر آغا سراج دراني
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ