اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريب?? جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت ت?? فخر هجڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان تقريبن لاءِ تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي جوڙيو وڃي.
اهڙن خيال?? جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع جي تقيربن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ش??باز گل، شهزاد نواز، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون ملهائڻ جو مقصد متحد پاڪستاني قوم جو پنهنجي آزادي تي فخر جو اظهار هوندو. تقريبن ۾ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته هن سال يوم آزادي تي دنيا ڏسندي ته پاڪستاني قوم متحد ۽ مضبوط قوم آهي،
رنگارن?? ثقافت، قدرتي وسيلن ۽ هم آهنگي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي، هن هدايت ڪئي ته تقريبن جي حوالي سان تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکي جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڊائمنڊ جوبلي تقريب?? جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت ت?? فخر هجن گهرجي، خاص مددگار ش??زاد نواز وزيراعظم کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفن?? ڏني.