اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته ايندڙ سال پاڪستان جي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 ني??نل ايوارڊز ڏنا ويندا، فلم، ميوزڪ ۽ ٽي وي ني??نل ايوارڊز جي ذريعي اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ??ني ويندي، ني??نل ايوارڊز جي ذريعي فلم، ڊرامي ۽ موسيقي کي فروغ ڏنو ويندو، تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراع??ون ڏنيون آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان سان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيون، ملٽي ملين ڊالرز جون اهي فلمون عالمي معيار جون هونديون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي وچ ۾ ني??نل ايوارڊز جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ پريس اڪنفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ماضي ۾ پاڪستان جو بيا??يو پيش ڪرڻ جي ذريعن کي ??مزور ڪيو ويو، فلم، ڊرامي ۽ موسيقي جا شعبا ڌيان نه ڏيڻ جو شڪار رهيا، 60ع جي ڏهاڪي ۾ اسان دنيا جا ٽئين نمبر تي وڏا فلم ميڪا هئاسين جڏهن ته سئنيما گهرن جي لحاظ کان به پاڪستان دنيا ۾ ٽئين يا چوٿين نمبر تي هو. هن ??يو ته ايندڙ سال فلم، ميوزڪ ۽ ٽيليويزن ايوارڊ ذريعي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 ايوارڊز ڏنا ويندا، اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم انهن ايوارڊز جي ذريعي موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ??ني ويندي. هن ??يو ته نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراع??ون ڏنيون آهن. هن ??يو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا ويا آهن، اڪثر ٽيليويزن چينل غيرملڪي ڊراما درآمد ڪن ٿا، ان سان مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ڊراما بري طرح متاثر ٿين ٿا. هن ??يو ته اشتهارن ۾ غيرملڪي اداڪارن کي ٽيليڪاسٽ ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي اداڪارن جو روزگار متاثر ٿئي ٿو. وڏيون ڪمپنيون مقامي اداڪارن ۽ ماڊلز کي نظرانداز ڪري ٻاهرئين ملڪ مان ماڊلز ۽ ايڪٽرز کي آڻين ٿيون، اهڙن اشتهارن تي به ٽيڪس لڳايا پيا وڃن ته جيئن اهڙي قسم جي قدمن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان ۾ خوبصورت جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي اندر فلمز ڊويزن ٺاهي پئي وڃي، ٻه وڏيون فلمون آخري مرحلن ۾ آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيون، اهي ٻئي فلمون ملٽي ملين ڊالرز جون هونديون، انهن جي پراڊڪشن ۽ ڪاسٽ انٽرنيشنل معيار جي هوندي. چوڌري فواد حسين ??يو ته ٽيپو سلطان تي فلم پرائيويٽ ڪمپني سان گڏجي ٺاهي پئي وڃي، پي ٽي وي فلمز تي نوجوان فلم ميڪرز کي موقعا ڏنا ويندا. هن ??يو ته نوجوان فلم ميڪرز اڳتي اچن، اسان سان گڏجي فلم پروڊيوس ڪن، اسان انهن کي مارڪيٽنگ جي سهولتن سميت هر ممڪن تعاون ف??اهم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته فلم انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ اسان هر ممڪن قدم کڻنداسين، سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي آهي. هڪ سئنيما اسڪرين سان 23 خاندانن کي روزگار ملي ٿو، اين سي او سي سان گڏجي سئنيما گهرن کي ??ولڻ جي لاءِ قدم کنيا، نان انڊين پنجابي فلمن جي اجازت ڏني. هن ??يو ته تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان تفريحي چينلز کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پاڪستان جي اسٽوري پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ميڊيمز کي مضبوط بڻايون. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل پاڪستان جي صدر احمد شاهه ??يو ته پاڪستان جي آثقافت ۽ علائقائي زبانن کي فروغ ڏنو ويندو، ايندڙ سال 11، 12 ۽ 13 مارچ تي 15 هين عالمي اردو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻهو شرڪت جي لاءِ ايندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي وچ ۾ ني??نل ايوارڊز جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر احمد شاهه ۽ پي ٽي وي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر منظور پڻ موجود هئا.
ايندڙ سال پاڪستان جي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 نيشنل ايوارڊز ڏنا ويندا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری