دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيد??ري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ گڏيل عرب امارات جي ??زيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات دوران ڪيو. صدر گڏيل عرب امارات جي ??زيراعظم کي دبئي ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب افتتاح تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب امار??ت پر پوري خطي جي ??اءِ هڪ اهم ايونٽ آهي، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيد??ري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ ايڪسپو مئنيجمينٽ ٽيم جي زبردست ڪوششن کي ساراهيو جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متنوع ۽ وسيع پئماني تي حصو وٺندڙ نمائش جو اهتمام ڪري رهيا آهن، جيڪا 6 مهينن تائين لڳائي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي ??زيراعظم کي پاڪستان پويلين بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان پويلين پاڪستان جي ??ڪل ۽ دريافت ٿيل خزانن جي ??مائش ڪندو. صدر اماراتي وزيراعظم کي گڏيل عرب امارات جي گولڊن جوبلي تقريبن تي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت پنهنجي ??لڪ کي علائقائي واپار، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي ??رڪز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ شيخ راشد المڪتوم افغانستان جي صورتحال سميت ٻطرفي ۽ علائقائي دلچسپي جي ??عاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر وزيراعظم کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي هٿياربند فوج پاران ڪشميري مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جي ??سلسل ۽ صريحن خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر گڏيل عرب امارات ۾ 16 لک پاڪستانين جي ??يزباني تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي صدر پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان سمورن شعبن ۾ ويجهي ۽ گه??ي تعاون جي خواهش کي ورجايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. گڏيل عرب امارات جي ??زيراعظم سان ملاقات کانپوءِ هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باقاعده افتتاح ڪيو.
گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش