اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات لاءِ غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي ??فسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، عالمي صحافين کي پاڪستان اچڻ کان روڪي دنيا جي ”سڀ کان وڏي جمهوريت“ جي نام نهاد دعويٰ هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي مودي حڪومت پنهنجي انهن دعوائن جي نفي ڪئي ??هي جيڪي ان جي پرڏيهي وزير تازو ئي ??عتدال پسندي، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانونن جو درس جي طور تي دنيا جي سامهون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين دهلي ۾ رهندڙ نيويارڪ ٽائمز، رائٽرز ۽ دي اڪنامسٽ جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ ڀارت جي ان خوف ۾ مبتلا هجڻ جو واضح ثبوت آهي ته هو سچائي کي منهن نٿو ڏئي ??گهي، هن چيو ته ميڊيا جي پيشيوراڻي معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آزا??اڻ?? رپورٽنگ جي مڃيل عالمي حق کان روڪڻ 5 آگسٽ 2019ع جي فسطائي، هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن جي انتهاپسن??اڻ?? ذهنيت جو تسلسل آهي جنهن جي ذريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غير قانوني طور تي ڀارت جي ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق عوامي راءِ دٻائڻ ج?? ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن پرڏيهي صحافين کي 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت سمورن خودمختيار صحافين کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ۽ حقيقي رپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏي.
غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ