اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي م??ظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ڀارت جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا، ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست کي م??هن ڏيڻو پوندو، پاڪستان کي هاڻي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو به جواز نه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بلن جي م??ظوري کانپوءِ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلن جي م??ظوري تي هن ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو. ثابت ٿي ويو ته ايوان سنجيده آهي ۽ ان جي م??مبرن ۾ فهم ۽ فراست آهي ۽ اهي پارٽي حدن کان مٿانهون ٿي م??ڪي م??ادن کي اوليت ڏين ٿ??، جي يو آءِ (ف) کانسواءِ سڀني مخالف ڌر پارٽين به بل جي حمايت ڪئي آهي، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ ۽ مالي مشڪلاتن کان بچڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، آئون مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ارادان کي م??يءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، اسان جا گڏيل سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان قومي معاملن تي هڪ موقف رکون ٿ??، جنهن خوش اسلوبي سان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي م??مبرن ڪميٽي ۾ بل جي حمايت جي م??ن کي خاطري ڪرائي آهي ان سان فائدو پاڪستان کي ٿيندو، حڪومتون اينديون وينديون آهن پر رياستي م??اد سڀ کان مٿانهون آهن، ڪاش جي يو آءِ (ف) به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ه??، جي يو آءِ (ف) مخالفت ڪري سٺو تاثر نه ڏنو، ملڪ جي لاءِ دل وڏي ڪن. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي آرڊيننس جي نقطن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هو قيد ۾ آهي، ملڪ ڇڏي ناهي ويو، نه هو رات وچ ۾ فرار ٿي سگهندو?? هن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ڀارت اهو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي ويو?? هن جو خيال هو ته ان کي آزاد ڪري ڀارت منتقل ڪيو ويندو، ڀارت کي شڪست ٿي، قونصلر پهچ جنيوا ڪنوينشن تحت ڏني آهي، اپيل جو حق ڏنو آهي، ڀارت جي ڪوشش هئي ته ان کي ٻيهر انصاف جي عالمي عدالت وڃڻ جو بهانو ملي وڃي، ان لاءِ اسان ڪلڀوشن کي ٻيهر قونصلر پهچ ڏني، ڀارت جا اعتراض ختم ڪيا، اسان ڀارتي ارادا خا?? ۾ ??لائي ڇڏيا آهن، اڍائي ڪلاڪن تائين ڀارتي سفارتڪارن ڪلڀوشن سان ملاقات ڪئي، ڀارتي سفارتڪارن جي ڪوشش هئي ته ڪهڙي طرح هو ان ملاقات کان ڀڄن ته جيئن بهانو ٺاهي سگهن.
دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي منظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ