اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ظي?? باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين ک??ن مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي، سندس طاقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لا??ِ مشعل راهه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته محمد علي هڪ ??ظي?? رانديگر هو، نه رڳو ان لا??ِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ باهمت انسان هو، پر ان لا??ِ جو سندس عقيدو مادي نظرين ک??ن مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي هن پنهنجي راند جي زندگي جي بهترين سالن ۽ م??افعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سندس طاقت ۽ همت اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لا??ِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ محمد علي جي پيشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دور??ن مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت