اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گهرو وزير، مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪ??م ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ مولانا فضل الرحمان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطم??نا?? جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪجهه ڌُريون ڄاڻي واڻي ڪ??م معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان پُراڻي نيازمندي آهي ۽ پاڪس??ان جي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جو هاڪاري ڪ??دار تعريف جوڳو آهي.
گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس