اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪالهه هتي ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي ايڊمنسٽريٽو جي 10هين اجلاس جي صدارت ڪيئ. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر خاص ڪري سي??رٽري، گهرو وزارت جي نمائندن ۽ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گهرو ۽ جيل کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اجلاس ۾ انهن قيدين جي ڪ??سن تي غور ڪيو ويو جيڪي ديت، ارش ۽ دامن جي رقم ادا نه ڪري سگهڻ سبب جيلن ۾ قيد آهن. ڪميٽي صوبائي ذيلي ڪميٽين ط??فا?? اُماڻيل 9 ڪ??سن جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اهي ڪيسَ ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي قاعدن 2007ع تحت جي اهل ق??دين جا هئا جن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي جسماني يا ذهني بيمارين جو شڪار آهن، عورتن، ٻارن، نابالغ، يتيم ۽ اهي قيدي جيڪي پنهنجي سزا جو وڏو حصو مڪمل ڪري چڪا آهن پر مالي وسيلن جي کوٽ سبب ديت، ارش ۽ دامن جي رقم ادا نٿا ڪري سگهن. اجلاس دوران ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ئي ته هو سمورن اهل ڪ??سن کي مڪمل دستاويزن سان حتمي جائزي کان پوءِ جمع ڪرائين، جن ۾ قانوني وراثتي سرٽيفڪيٽس ۽ فيصلن جي تصديق ٿيل نقل شامل آهن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو ڪ??سن جو تفصيلي جائزو فراهم ڪن ته جيئن وڌيڪ تصديق ۽ ڪارروائي ڪري سگهجي. وفاقي وزير ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي محنت کي ساراهيو ۽ هڪ مربوط طريقيڪار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن ڪ??سن کي اثرائتي طريقي ۽ شفافيت سان حل ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل سمورين ڌُرين، خاص ڪري گهرو کاتي، جيل عملدارن ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان عمل ۾ فعال طور تي سهڪار ڪن، طريقيڪار ۾ دير کي ختم ڪن ۽ حقدار ماڻهن تائين انصاف پچائڻ کي يقيني بڻائين. اجلاس جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته انصاف، عدليه ۽ انساني حقن جي اصولن کي هٿي ڏيندي اهل ق??دين کي ضروري مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري ڪيون وينديون.
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي ايڊمنسٽريٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا