اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحو پاڪستان جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ سانحو آهي، پوري قوم بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جڏهن پاڪستان جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ سانحي، تمام وڏي نقصان کي 10سال مڪمل ٿي رهيا ??هن?? اسان جي دل ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ته اهو هڪ اهڙو دل ڏاريندڙ واقعو هو جنهن جي ي??د هڪ ڏهاڪي کان اسان جي دلين کي ڏکوئيندي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ حيوانيت سان ڀرپور دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اڱڻ ۾ گهڙي تباهي ۽ بربادي ڪندي 144 معصوم جانين کي هميشه لاءِ اسان کان جدا ڪري ڇڏيو، ان حيوانيت جو شڪار شهيد ٿيلن ۾ اڪثريت معصوم ٻارن جي هئي جيڪي تمام ننڍي عمر ۾ اسان کي غمگين ڪري دنيا مان هليا ويا. هن چيو ته انهن جي زندگي، انهن جا خواب، انهن جون اميدون ۽ انهن جو مستقبل اسان کان ڇنيو ويو، وزيراعظم چيو ته ان س??نحي کي ڀلي ڪيترو به وقت گذري وڃي پر ان معصوم ٻارن جي جدائي جي صدمي کي ميٽي نٿو سگهجي. انهن معصوم ڪلين، ان ڏينهن برداشت نه ٿيڻ جوڳي ظلم ۽ ڏاڍ جو منهن ڏٺو ۽ شهادت ماڻي. انهن خاندانن ۽ والدين جن پنهنجي پيارن کي ان ڀيانڪ سانحي ۾ وڃايو آهي، جن جي جگر جا ٽڪرا ڦريا ويا، انهن جي ڏک ۽ تڪليف ڪنهن به طور تي گهٽ نٿي سگهي ٿي. هن چيو ته قوم کي ي??د رکڻ گهرجي ته فتنه الخوارج ۽ ان جهڙن ٻين دهشتگرد ملڪ دشمن گروهن جو نه دين س??ن ڪو تعلق آهي نه ئي معاشرتي قدرن س??ن ، پرڏيهي ملڪ دشمن جي ڏڍ تي اهي بزدل معصوم پاڪستانين کي پنهنجي مڪروه مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نشانو بڻائين ٿا. پوري قوم ان بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله بيٺل رهندي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم اسان جي ٻارن ۽ استادن جي بهادري کي سلام ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي ڪٽنبن جي قربانين ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جيڪي اڄ به ملڪ دشمن ڌرين س??ن پوري همت ۽ جوانمردي سان وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته اچو اڄ اسان هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون جتي ڪنهن معصوم کي ٻيهر ان ظلم ۽ ڏاڍ سان نقصان نه په??ي، ڪنهن به ٻار کي خوف ۾ اسڪول نه وڃڻو پوي ۽ اهڙي ڪنهن به ناانصافي جي سخت کا?? سخت سزا ڏني وڃي جيڪو هڪ واعدو آهي، جيڪو اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي. اهو سڀ اسان تي ان س??نحي جي متاثرن ۽ شهيدن جي قرض آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته انهن جون جانيون رائيگان نه وينديون،ا سان ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ اسان ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين.
آرمي پبلڪ اسڪول سانحو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ سانحو آهي، پوري قوم بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس