اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو ??در اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلاروس جي صدر جو ??ستقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ا??حاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪ??ري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو ??در وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو ??ورو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروب??ري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو ??ورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيد??ري جي عڪاسي ڪري ٿو.
بيلاروس جو صدر ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال سندس استقبال ڪيو
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش