دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر واپار، سيڙپڪاري، توان??ئي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان دوحه ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪل??ئي ۾ ملاقات پڻ ٿ?? جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ – قطر لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو. واپار، سيڙپڪاري، توان??ئي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ نئين ممڪن تعاون تي پڻ غور ڪيو ويو. ڌرين گڏيل اقتصادي هدفن ۽ علائق??ئي استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي اسٽريٽجڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي علائق??ئي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي اسرائيل پاران بيگناهه ف??سط??نين جي خلاف جاري نسل ڪشيءَ ج?? جنگ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 24 سيپٽمبر 2024ع تي گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 79هين سالياني اجلاس دوران قطر جي امير پاران پيش ڪيل ف??سط??ن جي معاملي تي قطر جي موقف کي ساراهيو. هن فور?? جنگبندي جي لاءِ قطر جي ثالثي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه م قتل عام جي فوري خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ خوشحالي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته ف??سط??ن ۾ جاري اسرائيل جي تازي ڏاڍ جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دوران ف??سط??ني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ کي جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو قطر جو دورو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل مضبوط ٿيندڙ حصيداري ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.
وزيراعظم جي قطر جي امير سان وفدن جي سطح تي ملاقات، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار