اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي ??ائودي بوهري برادري جي ??ربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن برهاني محل ۾ گهرو وزير سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي سندس صاحبزاده شاه ??اده حسين برهان الدين به موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان اچڻ تي دائودي بوهري برادري جي ??ربراهه جي ??جيان ڪندي چيو ته اوهان جي آمد اسان لاءِ فخر جوڳي آهي. اوهان سان عقيدت ۽ احترام سان رشتو آهي جيڪو هميشه قائم ۽ دائم رهندو. هن ??يو ته دائودي بوهري برادري امن پسند، محبت ڪندڙ برادري آهي. سيدنا مفضل سيف الدين دائودي بوهري برادري بابت معاملن جي فوري حل تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو ۽ خوبصورت چادر ۽ تبرڪ جو تحفو ڏنو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر