اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اط??اع??ت، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ا??را??يل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ??ئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو، پاڪستان مطالبو ڪيو ته ا??را??يل کي جوابده بڻايو وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته ا??را??يل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ??ئي پئي وڃي، 37 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، 20 لک فلسطيني پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي چڪا آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف هو ته 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته غزه ۽ رفع بابت ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، اتي اسپتالن تي بمباري جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ امدادي سامان ضرورتمندن تائين پهچائڻ جي پهچ نه پئي ڏني وڃي، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي، جنهن تي پ??ڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ زوردار آواز اٿاريو ۽ واضح موقف پيش ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔