اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پهرين سينٽرل مانيٽرن?? سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر (ACTUS DIGITAL (Logger Content Digital) تي ٻڌل نئين ۽ پهرين سينٽرل مانيٽرن?? سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح ڪندي خوشي ٿي. اطلاعات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (DEMP) ۾ موجود اها سي ايم ايس ??شين لرننگ، زبان جي سڃاڻپ ۽ ڊيٽا ريسرچ جي صلاحيت رکندڙ آهي. اهو ميڊيا جي فوري ۽ درست نگراني ?? معلومات گڏ ڪري سگهي ٿو جيڪو تيزترين ۽ باخبر حڪومتي فيصلاسازي جي لاءِ مددگار هوندو. سينٽرل مانيٽرن?? سسٽم انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي شاگردن جي لاءِ پڻ دستياب هوندو. ان نظام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت جي ٽيم کي مبارڪباد پي?? ڪريان ٿي.
اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پهرين سينٽرل مانيٽرنگ سسٽم جي افتتاح تي خوشي ٿي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria