اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪ??هن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، ترقياتي منصوبن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم محمد شهباز ش??يف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد خ??ن چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل سي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين تعميراتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري معيار کي يقيني بڻائي، ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيرا??ظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ وقت عالمي معيار کي نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس کي سي ڊي اي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.
ترقياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات