ڪراچي – 28 – اپريل (اي پي پي) ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ ٽن اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد اهلڪارن نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين کي ملڪ جي خاطر جان نڇاور ڪرڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي، شهيد قو?? جا بهادر فرزند هئا. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن ک?? جهنم رسيد ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي وٺي، ??اڪ??تان دهشتگردي جي خلاف منهن ڏئي رهيو آهي، فتح انسانيت جي ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ