اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي ترقي کي پا??ست??ن ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تيز ڪيو وڃي، دالين ۽ ٻين جنسن جي پيداوار وڌائڻ جيل اءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي ڏنل تاريخي آبادگار پئڪيج تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ ناڻي واري و??اق?? وزير محمد اسحاق ڊار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري و??اق?? وزير چوڌري طارق بشير چيما، و??اق?? گهرووزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت واري و??اق?? وزير سيد مرتضيٰ محمود، اطلاعات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي، زرعي شعبي جي ترقي پا??ست??ن ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضامن آهي. هن چيو ته اسان کي هر حال ۾ پا??ست??ن ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻو آهي، ملڪ ۾ غذائي تحفظ جي لاءِ ڪڻڪ، ڪپهه، ڪنولا ۽ زيتون جي پوکيءَ ۽ پيداوار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ آبادگارن کي دالين سميت ٻين غذائي جنسن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي لاءِ نوجوانن جي لاءِ قرض اسڪيم، ننڍن آبادگارن جي لاءِ وياج تي ڇوٽ ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ننڍن آبادگارن کي بنا وياج جي زرعي قرض فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي بئنڪن کي هدايت جاري ڪري چڪي آهي. هلندڙ مالي سال ۾ نومبر تائين 664 ارب جا زرعي قرض آبادگارن ۾ ورهايا ويا آهن جيڪي گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 36 سيڪڙو وڌيڪ آ??ن.
زرعي ترقي پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضمانت آهي، آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تيز ڪيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین