اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪ?? جي تنظيم (او آءِ سي) جي فورم جي ذريعي سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقع?? جي بنيادي سبب?? جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي ??ڏي?? طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته او آءِ سي مسلمان امت جو ??ڏي?? آواز آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار او آءِ سي جده ۾ پاڪستا?? جي نامزد سفير/ مستقل نمائندي سيد محمد فواد شير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته او آءِ سي سڄي دنيا ۾ مسلمان اقليت?? جي بنيادي انساني حق?? جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا کي ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان?? جي خلاف وڌندڙ تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هندوستاني هندوتوا نظرييي جي سڄي دنيا ۾ حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته او آءِ سي جي سمورن ڀائر مسلمان ميمبر ملڪن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت اڳڀرا??ي ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي ظلم بند ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. صدر معصوم فلسطيني?? جي خلاف اسرائيل جي تشدد ۽ غيرقانوني قدمن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم انساني قدرن، انساني حقن ۽ عالمي قانون?? جي خلاف آهن. هن چيو ته جيستائين فلسطين مسئلو حل نه ٿو ٿئي وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذريعي او آءِ سي ملڪ?? جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنيڪي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي جي ??عل??مي ماڊيولز جي ذريعي ميمبر ملڪن کي آن لائين ??عل??م ۽ آءِ ٽي جون مهارتون پيش ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اٽڪل 8000 غيرملڪي شاگردن وچوئل يونيورسٽي مان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ ??عل??م جي شعبي ۾ اسلامي ملڪن سان وڌيڪ تعاون سان ان انگ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر نامزد سفير کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
او آءِ سي مسلمان امت جو گڏيل آواز آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی