اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪشمير جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن پاڪستان پاران جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي ط??ر تي ملهائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ويبينار جو اهتمام ڪشمير جي حامي گروپن ڪيو هو ۽ ان کي ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان جي ناليوارين شخصيتن خطاب ڪيو. ان موقعي تي مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلي جي ڪڌي ڀارتي راند جي مذمت ڪئي ۽ تنبيهه ڪ??ي ته جيڪڏهن مودي جي آبادڪاري جي منصوبي کي نه روڪيو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هنن چيو ته ڪ??مير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪ??ميري فسطائي ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کي رد ڪن ٿا ۽ اهي آزادي جي جدوجهد کي سمورين مشڪلاتن جي باوجود منطقي انجام تائين پهچائيندا. هنن ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کي گڏيل قومن تي چماٽ قرار ڏنو جنهن ڄمون ۽ ڪشمير کي تڪراري علائقو قرار ڏئي رکيو آهي ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيتريون ئي قرردادون ??اس ڪيون آهن. ويبينار کي خطاب ڪندڙن ۾ ع??دلرشيد ترابي، ڊاڪٽر محمد نفيس ذڪريا، نجم ثاقب، مختار احمد بابا، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، راجا محمد سج??د خان ۽ بلال شڪي شامل هئا.
پاڪستان ۽ ڪشمير جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن پران پاڪستان پاران جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي طور تي ملهائڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا