اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي سينيٽرن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي آه??. چار رڪني وفد ۾ آمريڪي سينيٽرز انگس ڪنگ، رچرڊ بر، جان ڪارنائن ۽ بينجمن سيسي شامل هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آمريڪا جا چار ئي سينيٽرز آمريڪا جي سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي جا ميمبر آه?? جڏهن ته سينيٽر انگس ڪنگ سينيٽ جي آرمڊ سروسز جو ميمبر پڻ آه??. آمريڪي سينيٽرز جي وفد جو استقبال ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي وارا لاڳاپا رکي ٿو ۽ اقتصادي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ پاڪ آمريڪا گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پرعزم آه??. ??ن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪي قانونسازن جي وفد جي دوري سان گڏيل اعتماد جي استحڪام ۾ مدد ملندي ۽ ان سان عوامي رابطن ۾ پڻ به??ري ايندي. وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو ته ٻنهي ملڪن جي حصيداري خطي جي امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام جي مفاد ۾ آه??. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل رابطن ۾ اضافو ضروري آه??. ??ن افغان عوام جي فوري مدد جي ضرورت تي خاص زور ڏيندي چيو ته ان حوا??ي سان هر قسم جي ممڪن قدمن جي ضرورت آه?? ته جيئن ڪن??ن انساني ۽ معاشي بحران کان بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ويجهي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته خطي ۾ دهشتگردي سميت سيڪيورٽي جي خدشن جي حوا??ي سان ويجهو تعاون ضروري آه??. غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي حوا??ي سان هن چيو ته آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي ۽ انساني حقن جي مخالف سوچ تي ٻڌل بي جي پي جي قدمن سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خدشا درپيش آه??. هن زور ڏنو ته آمريڪا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار لازمي طور تي ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڀارت سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??. عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڏهاڪن تي ٻڌل گڏيل جدوجهد جو حوالو ڏيندي سينيٽرن 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين غيرملڪي شهرين جي محفوظ انخلا جي حوا??ي سان پاڪستان جي تازي ڪردار کي ساراهيو. هنن پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وسعت جي حوا??ي سان پنهنجي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان جي آبادي ۽ جيو اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ جي ڏس ۾ آمريڪي سينيٽرن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون جي فروغ لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ گهرجي.
وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي سينيٽرن تي ٻڌل وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔