اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان اسيمبلي جي نئين چ??نڊ??ل اسپيڪر مير جان محمد جمالي جي خيريت دريافت ڪرڻ ڪوئيٽا ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب بلوچستان اسيمبلي جي نئين چ??نڊ??ل اسپيڪر جان محمد جمالي جي طبيعت گذريل ڪجهه ڏينهن کان ناساز آهي. سينيٽ چيئرم??ن جان محمد جمالي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سينيٽ چيئرم??ن جان محمد جمالي کي مڪمل آرام جو مشورو به ڏنو، ملاقات دوران ملڪي ص??رت??ال ۽ خاص طور تي بلوچستان جي ا??تصادي ص??رت??ال، ترقياتي منصوبن ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جان محمد جمالي خيريت دريافت ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جو ٿورو ادا ڪيو، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو. ڊپٽي چيئرمين به جان محمد جمالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
سينيٽ چيئرمين بلوچستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر مير جان محمد جمالي جي خيريت دريافت ڪئي
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil