اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو ويزن آهي، انفارميشن ٽي??نالاجي جي شع??ي ۾ ترقي سان پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ ٽي??نالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ چين وانگر جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي. صدر قومي براڊ بينڊ نيٽ ورڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، انفارميشن ٽي??نالاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ ٽيلي مواصلاتي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي فورم منعقد ڪرڻ تي پي ٽي اي ۽ هواوي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ٽي??نالاجي بابت فيصلاسازن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جنريشن گيپ هوندو آهي، انفارميشن ٽي??نالاجي جي لاءِ ضروري اهي ته اها تيزي سان ترقي ڪري. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شع??ي ۾ ترقي جي لاءِ حڪومت پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي، حڪومت جي ??وش?? هوندي ته اها ان ۾ سهولت جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت جهڙي طرح روانگي واپار ۽ آمدني واپار سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ ??وش??ون ڪري رهي آهي، اها آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ پڻ پنهنجون ترجيحون تعين ڪندي. صدر چيو ته ڊيٽا جو استعمال ضروري آهي، دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي جو ان جو تجزيو ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽي??نالاجي ۾ جدت اچي رهي آهي، براڊ بينڊ ۾ به وسعت اچي وئي آهي، ٽي??نالاجي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي ضرورتن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي گري ٽيليفوني کي روڪڻ جي لاءِ ??وش??ون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ تمام گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌڻ گ??رج?? ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي، جڏهن ته صدر اهو واضح ڪيو ته آءِ ٽي جي شع??ي ۾ هنرمند ماڻهن کي تيار ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ حڪومت جي بهتر فيصلن جي ڪري اي ڪامرس ۽ ٽي??نالاجي جي استعمال ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جو عمل آسان ٿي ويو، آءِ ٽي ۽ جديد ٽي??نالاجي جي استعمال سان بيمارين تي پڻ ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ضرورتمندن کي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقم فراهم ڪري رهيا آهيون.
ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو ويزن آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي سان پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن