اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت افغانستان ۾ حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙن ۽ غلط بيانئي کي هوائي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پا??ست??ن ماضي وانگر اڄ به پنهنجي مخلصاڻين ۽ حقيقتن تي ٻڌل موقف پيش ڪري رهيو آهي، اڄ افغانستان ۽ دنيا هڪ اهم موڙ تي آهن، افغانستان ۾ ان??اني بحران نه ٿئي ان لاءِ عالمي برادري تي اجتماعي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته طالبان سان انگيجمينٽ ڪجهه ملڪن لاءِ سياسي طور مشڪل ضرور ٿي سگهي ٿي ليڪن هي هڪ نازڪ موقعو آهي. قومي سلامتي جي صلاحڪار برطانوي رسالي ”دي انڊپينٽ“ ۾ شايع ٿيل مصمون ۾ لکيو آهي ته افغانستان مان فوجين جي واپسي جي افراتفري کان پاسو ڪرڻو هو، بدقسمتي ڀارت جهڙن علائقائي بگاڙ پيدا ڪندڙن ڪوڙي بيانئو بڻائي حقيقت کي لڪائڻ هو. افغانستان ۾ بين الاقوامي ڪوششون افغان عوام جي نظر ۾ جائز ناهن. هن چيو ته پا??ست??ن افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ هميشه ڳالهين ۽ سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، اسان جي مشوري کي نظر ان??از ڪيو ويو جڏهن ته افغانستان جي جنگ سان پا??ست??ن بري طرح متاثر ٿيو آهي. اسان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ بدران اسان تي ڊبل گيم جا الزام لڳايا ويا. حقيقت اها آهي ته اسان 80 هزار کان وڌيڪ معصوم جانين جي قرباني ??ني ۽ 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ معاشي نقصان جو بار کنيو.
ڀارت افغانستان ۾ حقيقتون لڪائڻ لاءِ جعلي ۽ غلط بيانئي کي هوا ڏني: معيد يوسف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز