اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽ??ن مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿيل قرارد??د جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قرارد??د جي نقل گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي نمائندي يقين ڏياريو ته س??دن جذبا ۽ قرارد??د جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگ??ن منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين شهباز شريف جي قيادت ۾ قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن