اسلام آباد – 09 مارچ (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارلي??مي??ٽ جو حصو آهي، صح??فين کي پ??هنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلي??مي??ٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ??يون ويون آهن. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارلي??مي??ٽ جو حصو آهي ان لاءِ صح??فين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مون کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.
ڪو ثابت ڪري ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ وقت ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا