اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي سڀ کان مشڪل معاشي صورتحال مان نڪري آيو آهي، پهريون ڀيرو اسان جي حڪومت صنعتن جي بحالي کي ترجيح ??ني آهي، ان حڪمت عملي سان روزگار جا موقعا ملندا، ڊيجيٽل ميڊيا ذريعي مظلوم ڪشميري عوام جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري دنيا کي باور ڪرايو وڃي ته سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جو حل عالمي دنيا جو فرض آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ وفاقي حڪومت 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فاشسٽ مودي سرڪار هندو راشٽرا جو خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ امن ۽ خطي جي سلامتي کي داءُ تي لڳائي رهي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار و??ير??عظم عمران خان مختلف ??عب?? سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي وفد ??ان ملاقات دوران ڪيو.
پاڪستان تاريخ جي سڀ کان مشڪل معاشي صورتحال مان نڪري آيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گرم گرم