گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ صورتحال کي اجاگر ڪندي غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جي جنگ کي فوري ??ور خت?? ۽ فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جي صورتحال تي ٻيهر شروع ٿيل خاص اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي پاڪستان طرفان مايوسيءَ جو اظهار ڪيو ۽ اها قرارداد سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊ ميمبرن اسپانسر ڪئي، جنهن ۾ غزه ۾ فوري ??نگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙو ڪوبه دليل ناهي جيڪو بيوس لاچار فلسطينين جي قتلِ عام کي روڪڻ لاءِ ڪيل ف??صلن کي روڪڻ جو جواز فراهم ڪري ??گهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته جنرل اسيمبليءَ کي هاڻ چارٽر موجب غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبليءَ طرفان ان تڪرار تي منظور ڪيل ڪيترن ئي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي انصاف واري ??دالت سان ڪيل ف??صلي تي عملدرآمد لاءِ پنهنجي ذميداري کي پورو ڪرڻ گهرجي. ٻين نمائندن به غزه پٽي جي صورتحال ۾ ويٽو جي استعمال جي مخالفت ڪئي ۽ خطي ۾ واقعن کي غير سياسي ڪرڻ تي زور ڀريو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي پاران غزه ۾ اسرائيلي اڳرائي بند ڪرائڻ، فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽائڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری