رياض _12 نومبر (اي پي پي )عرب ليگ جي سيڪريٽري ج??رل احمد ابو الغيط اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج??د ئي اڪثريتي ووٽ ذريعي اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ رڪنيت مجمند ڪري سگهي ٿي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ عرب اسلامڪ غير معمولي سربراهي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪيتريون رياستون اسرائيل جي رڪنيت کي منجمند ڪرڻ جي حمايت ڪنديون ۽ اهو منجمند ڪرڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ويزن تحت ناهي . هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واحد ڌر آهي ج??ڪا ميمبرن کي نيڪالي ڏيڻ ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي پر نيڪالي ڏيڻ يا شامل ٿيڻ جي ڳالهه ناهي ڪري رهي ،اسان (رڪنيت ) منجمند ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ، اسان جلد ئي ج??رل اسيمبلي ج?? اڪثريتي ووٽ ذريعي رڪنيت جي منجمند ٿيڻ جو مشاهدو ڪري سگهون ٿا . اهو اهڙو قدم آهي ج??ڪو شين کي درست جڳهه تي رکي ٿو .عرب ليگ جي سيڪريٽري ج??رل سان گڏ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ف??صل بن فرحان پڻ موجود هو . شهزاده ف??صل بن فرهان چيو ته ٻه رياستي حل هڪ سست موت مري رهيو هو ??ر غزه تڪرار ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڪاروائين سبب هاڻي ان تي عالمي برادري جو اتفاق رائي بڻجي رهيو آهي . هن چيو ته گڏيل قومن جي ميمبرن جي اڪثريت جيتوڻيڪ دنيا جا وڏا ملڪ به ٻه رياستي حل جي پويان مضبوطي سان بيٺل آهن ،منهنج?? خيال ۾ ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪيترن ملڪن فلسطين جي رياست کي تسليم ڪيو ۽ ٻيون اڃان به تسليم ڪرڻ تي غور ڪري رهيون آهن . جن ۾ ڪجهه اهم ملڪ به آهن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيل جي رڪنيت منجمند ٿيڻ جو امڪان آهي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون