انقره-06 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي حڪمران اي ڪي پارٽي (اي ڪي پي) جي اتحادي نيشنلسٽ موومينٽ ??ارٽي (ايم ??يڇ پي) جي اڳواڻ دولت ڀوجيلي رجب طيب اردوان جي صدارت جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش ڪري ڇڏي. ميڊيا موجب هن ايم ??يڇ پي جي قانونسازن سان پارلياماني تقرير ۾ چيو ته صدر کي 2028ع جي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم ??ي غور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ۽ مهانگائي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ترڪيه سياسي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪري وٺي ته ڇا صدر جي ٻيهر چونڊ فطري ۽ درست نه هوندي. جيڪڏهن 600 سيٽن واري پارليامينٽ ۾ 360 قانونساز آئيني ترميم ??ي حمايت ڪن ته ان جي لاءِ ريفرنڊم ڪرائي سگهجي ٿو. وقت سان چونڊن لاءِ 360 پارليامينٽ جي ميمبرن جي حمايت جي به ضرورت هوندي آهي. اي ڪي پي ۽ ان جي اتحادين جون 321 جڏهن ته ڊي اي ايم ??ون 57 سيٽون آهن. ياد رهي ته گذريل سال ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ صدر طور اردوان پنهنجو آخري مدو پورو ڪري رهيو آه??، جيستائين آئين موجب پارليامينٽ ??قت کان اڳ چونڊن جو مطالبو نه ڪري. هن پهرين وزيراعظم ۽ پوءِ صدر جي حيثيت سان ترڪيه تي 21 سالن کان وڌيڪ عرصي تائي?? حڪومت ڪئي.
رجب طيب اردوان جي صدارتي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا