اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو لبنان ?? فوجي ڪارروائيون ??ور?? طور تي بن?? ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايليسي صدارتي محل اربع ڏينهن هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ته فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1901 تي سختي سان عملدرآم?? ڪري لبنان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي کي بحال ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) سان فرانس جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايليسي صدارتي محل چيو ته فرانس ان رخ ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندو ۽ تمام جلد لبنان جي حمايت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪندو. پڌرائي مطابق فرانسيسي صدر هڪ ڊگه?? مدي واري حل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ به ڪيو جيڪو اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ گڏيل قومن جي تيار ڪيل عارضي سرحد بليو لائن جي ٻنهي طرفن جي آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
اسرائيل لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري: فرانس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی