تهران -27 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان مسلمان ملڪن تي زور ڀريو آهي، ته اهي اسرائيل جي غزه ۾ ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻن. ميڊيا مطابق سندس آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق هن اها اپيل ايران جي دوري تي آيل قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الث??ني سان ڳالهين دوران ڪئي. مسعود پيز شڪيان چيو ته مسلمان رياستون ۽ اهي سمورا ملڪ جيڪي عالمي قانون ۽ فريم ورڪ جا پابند آهن، انهن ??ي اسرائيل جي حامين کي لغام ڏيندي غزه ۾ جاري اسرائيل جي بدترين ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. غزه ۾ جنگ بندي لاءِ قطر جي ڪوششن کي ساراهيندي هن ??يو ته جيئن ته غزه م سمورن عالمي قانونن ۽ ضابطن جون لاڳيتو ڀڃڪڙيون جاري آهن، پر انس??ني حقن جي وڪالت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندر ملڪ به اسرائيلي جارحيت تي خا??وش آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں