جنيوا- 06 جولاءِ (اي پي پي) قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ طرفان پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جولاءِ تي ٿيندو. او آءِ سي طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ چيو وي?? آهي ته هيومن رائيٽس ڪائونسل قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي فوري بحث ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، او آءِ سي طرفان ان حوالي سان بيان جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير خليل هاشمي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن هيومن رائيٽس ڪائونسل جي 53 هين اجلاس جي صدر سان ڪجهه يو??پي ۽ ٻين ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بار بار بي حرمتي سميت مذهبي نفرت جي عوامي سطح تي ٿيڻ وارن خطرناڪ قدمن تي غور ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ فوري بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته هيومن رائيٽس ڪائونسل جي موجوده صدر کي ان باري ۾ 3 جولاءِ تي هڪ خط موڪليو وي?? هو جنهن ۾ فوري بحث جو مقصد بيان ڪيو وي?? آهي ته اسان ان ناپاڪ جسارت تي بامعنيٰ بحث ڇو چاهيون ٿا. هن چيو ته گذريل هفتي عيد جي ڏينهن ۽ هڪ مسجد جي ٻاهران قرآن پاڪ کي شهيد ڪرڻ ۽ بي حرمتي ڪرڻ هڪ ڌار عمل نه هو، تازن مهينن ۾ اهو ڇهون موقعو هو جيڪو مذهبي نفرت جو واضح، وڌندڙ ۽ مسلسل عمل جي مڪمل عڪاسي ۽ حڪومتي لائسنس تحت نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته اهي اسلامو فوبڪ ڪا??رو??يون پهرئين ڪيون وي??ن ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته انهن ڪا??رو??ين کي اظهار جي راءِ جي آزادي جي حق سان ملائي انهن جو مستقل دفاع ڪيو وي??. هن چيو ته عوام امن لاءِ ڏور رس اثرن، انهن جي جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز نوعيت جي باوجود ان مان ڪنهن به ڪا??رو??ئي کي نه ته روڪيو وي?? ۽ نه ئي ان خلاف ڪا??رو??ئي ڪئي وئي. خليل هاشمي چيو ته او آءِ سي گروپ پهرين ۽ بار بار هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، اشتعال انگيزي ۽ تشدد کي ڀڙڪائڻ جي انهن ڪا??رو??ين تي پنهنجو شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ ان جي موثر روڪٿام لاءِ قدمن تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته اهو واضح آهي ته قانوني رڪاوٽ جي عدم موجودگي ۾ اهڙيون ڪا??رو??يون جاري آهن. اسان ان حقيقت جي آجيان ڪريون ٿا ته ان تازي ترين اشتعال انگيز عمل جي مذمت مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي سختي سان رد ڪيو وي?? آهي تنهن هوندي به ان رجحان کي منظم ۽ بار بار جاري نوعيت کي ڏسندي هاڻي صرف لفظ ڪافي ناهن. او آءِ سي گروپ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪرڻ چاهي ٿو ته انساني حقن جي ڪائونسل طرفان تيار ڪيل موجو??ه اصولي فريم ورڪ سان اهي نتيجا نه نڪري رهيا آهن جن جي اميد هئي، هن چيو ته قومي سطح تي موثر قانوني ۽ پاليسي قدمن جي عدم موجودگي انهن ڪا??رو??ين جي روڪٿام ۽ قانوني ڪا??رو??ين ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن جنهن کي اربين ماڻهن لاءِ نفرت جوڳو سمجهيو وي??دو آهي.
قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ پاران پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن ۽ هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جولاءِ تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ