گڏيل قومون- 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي نسل ڪشي سبب هڪ ملين (10 لک) کان وڌيڪ ٻا?? ذهني صحت جو شڪار آهن، کين نفسياتي علاج جي ضرورت آهي جنهن جو فنڊ دستياب ناهي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي ٻا??ن جي سار سنڀال بابت اداري يونيسيف جاري ڪيل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي. يونيسيف چيو ته غزه جا ٻا?? اسرائيل جي شديد بمباري، خاندان جي ماڻهن جي شهادتن ۽ ناڪه بندي وارن علائقن ۾ خوفناڪ انساني صورتحال سبب خوف جو شڪار آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ 19 هزار فلسطيني ٻا?? يتيم ٿي چڪا آهن. دماغي صحت جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ ٻا??ن جي ذهني صحت تي مهينن کان جاري اسرائيلي جنگ جو وڏو اثر نسلن تائين برقرار رهي سگهي ٿو. ان کان علاوه غزه ۾ فلسطين جي شهري دفاع واري کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل پنج مهينن دوران جنگ سٽيل علائقن ۾ اسرائيلي حملن سبب 70 فلسطيني ٻا?? مارجي ويا آهن. هڪ تازي رپورٽ ۾ يونيسيف چيو آهي ته 2025ع جي پهرين هفتي دوران غزه جي پٽي ۾ اسرائيل جي بي رحماڻي تشدد ?? 74 ٻا?? مارجي ويا. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين ر??ل تشدد ??ي خاتمي لاءِ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته غزه جي ٻا??ن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ مسئلا کڻي آيو آهي جنهن ۾ مبينه طور تي 74 ٻا?? شهيد ٿيا آهن. هن نئين سال جي شروعات ۾ ٻا??ن جي ان انگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪي يا ته مارجي ويا يا ته پنهنجي پيارن کي وڃائي چڪا آهن. آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيل غزه جي پٽي ۾ 46 هزار 565 فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ ٻا?? شامل آهن جڏهن ته 109، 378 زخمي ٿيا آهن. اسرائيل غزه ۾ خوراڪ ۽ بنيادي سامان جي فراهمي روڪي شهرين کي فاقه ڪشي کي هٿيار طورتي استعمال ڪري رهيو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب 10 لک ٻار ذهني صحت جي بحران جو شڪار آهن: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena