واشنگٽن – 02 جولائي (اي پي پي ) گذريل سال 7 ??ڪٽوبر جي ??مل?? ۾ مارجي ۽ زخمي ٿيل اسرائيلي شهرين جي ڪٽنبن آمريڪي عدالت ۾ ايران ، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. جرمني جي ڊي پي اي نيوز جي رپورٽ موجب ڪيس ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل ملڪن ان ??مل?? ۾ فلسطيني هٿيار بند گروپ جي حمايت ڪئي هئي. رپورٽ موجب واشنگٽن جي هڪ وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب ايران شام ۽ اتر ڪوريا اسرائيل تي ??مل?? لاءِ مالي مدد ۽ وسيلا فراهم ڪيا. اسرائيل نواز اينٽي ڊيفيميشن ليگ 125 متاثرن ۽ انهن جي ڪٽنب پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پنهنجي متاثر ڪٽنبن جي اغوا ۽ قتل جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ 4 بلين ڊالرن جي معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي شهرين جي حق ۾ فيصلو اچڻ جي صورت ۾ متاثر خاندانن کي ڪانگريس پاران دهشتگردي جي متاثرن لاءِ قائم آمريڪي فنڊ مان معاوضو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي ڪيسن تي ادائيگين لاءِ رقم ضبط ڪيل اثاثن ۽ انهن ڪمپنين جي ڏنڊ مان ادا ڪئي ويندي آهي جيڪي انهن رياستن سان گڏ غير قانوني ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي .
اسرائيلي شهرين جو آمريڪي عدالت ۾ ايران، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس، چار ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania