گڏيل قومون- 5 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 5 غيرمستقل ميمبرن جي چونڊ لاءِ جنرل اسيمبلي جو اجلاس اڄ خميس تي ٿيندو. جاپان جي خالي ٿيل ايشيا جي سيٽ تي ??اڪ??تان لابنگ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. غير مستقل سيٽن لاءِ چونڊجندڙ ميمبر ملڪ 2 سال يعني پهرين جنوري 2025ع کان 2026ع جي آخر تائين خدمتون ڏئي سگهندا. 5 غير مستقل ميمبر جاپان، ايڪواڊ??ر، مالٽا، موزنبيق ۽ سوئٽزرلينڊ جي خالي ٿيل سيٽ سنڀاليندا جن جو مدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿ??ندو. گڏيل قومن جي چارٽر تحت سلامتي ڪائونسل جي بنيادي ذميداري عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ??هي. ??اڪ??تان 7 ڀيرا سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر رهي چڪو آهي جنهن جي حمايت 53 رڪني ايشيائي گروپ ڪئي آهي ۽ هاڻي تائين ??اڪ??تان جي ڀيٽ ۾ ٻيو ڪو اميدوار سامهون ناهي آيو جنهن جي ڪري ??اڪ??تان جي ڪاميابي جا امڪان روشن آهن. ان کان اڳ ??اڪ??تان 13۔2012، 04۔2003 ،94۔1993 ، 84۔1983 ، 77۔1976، 69۔1968 اور 53۔1952 ع ۾ ??اڪ??تان سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان خدمتون ڏئي چڪو ??هي. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 15 هوندو آهي جن مان 5 ميمبر مستقل ميمبر آهن جن ۾ چين، فرانس، روس، برطانيا ۽ آمريڪا شامل آهن. جن کي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪنهن به ٺهراءَ يا فيصلي کي ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آهي جڏهن ته 10 غير مستقل ميمبرن کي 193 رڪني جنرل اسيمبلي چونڊيندي ??هي.ووٽنگ ڳج??ي راءِ شماري ذريعي ٿيندي آهي ۽ اميدوارن جي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت يا 128 ووٽ گهربل هوندا آهن پوءِ چاهي اهو بنا مقابلي ئي ڇو نه هجي. جيڪڏهن ڪو اميدوار هدف کان گهٽ ووٽ کڻندو آهي ته ووٽن جو گهربل انگ حاصل ڪرڻ تائين ٻيهر ووٽنگ ڪرائي ويندي ??هي. جيڪڏهن تعطل جي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي ته ان ميمبر کي ڪامياب تصور ڪيو ويندو آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ مخالفت هجي. هن وقت ??اڪ??تاني وفد جي قيادت گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ڪري رهيو ??هي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊجي ??اڪ??تان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن مطابق عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پنهنجون ڪوششون وقف ڪندو. هوڏانهن صوماليا ۽ ماريشش آفريڪي سيٽ لاءِ اميوار آهن جڏهن ته ڊينمارڪ ۽ يونان يولهه يورپ جي سيٽ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن. پاناما لاخيني آمريڪي سيٽ لاءِ واحد اميدواي ??هي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 5 غيرمستقل ميمبرن جي چونڊ لاءِ جنرل اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو،پاڪستان جي ڪاميابي جا روشن امڪان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت