اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز ??ادق، شه??د محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بي مثال خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ??يندي هئي. هن شه??د محترمه جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌ?? بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان ملڪ جي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار شه??د محترمه جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي. اسپيڪر چيو ته محمد نواز ??ريف ۽ شه??د محترمه جي ڪوششن سبب ميثاقِ جمهوريت ممڪن ٿي جيڪا ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت عيوض 18هين ۽ 26هين ترميمن ذريعي 1973ع جي آئين کي پنهنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني قوم صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن شه??د محترمه ڀٽو ۽ محمد نواز ??ريف وچ ۾ ڪيل ميثاقِ جمهوريت جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن کي ذاتي ??فادن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترمه جي نقش قدم تي ??لڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ