اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري آفيسر پنهنجي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري جا منتظر آهن. سڌ ??ماءَ وارو وفاقي وزير عطا ا??له تارڙ ۽ سڌ ??ماءَ واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آفيسرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي، وزيراعظم حاضر دور جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي منظر??ام?? ۾ اثرائتي ڄاڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن آفيسرن جي حوصلا ا??زائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورا آفيسر پنهنجي ذميوارين کي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آفيسرن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ب??تر?? ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري آفيسرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي اهم حڪومتي قدمن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ۽ انفارميشن گروپ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آفيسرن جي حوصلا ا??زائي ڪئي ته هو جمهوري عمل ۾ عوام جي شموليت کي وڌائڻ لاءِ جديد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II