اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران غزه ۽ ل??نان جي جنگ سٽيل عوام جي ل??ءِ فلاحي بنياد تي امداد جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي کان ٻي امدادي کيپ لبنان جي ل??ءِ رواني ڪئي وئي آهي. الخدمت فائونڊيشن جي تعاون سان اين ڊي ايم اي پاران رواني ڪيل ان امدادي کيپ ۾ دوائون، تيار گوشت، خيمن، فراسين، گرم بسترن، گرم ڪپڙن ۽ خشڪ کير تي ٻڌل اٽڪل 100 ٽن سامان لبنان جي ل??ءِ روانو ڪيو ويو. امدادي سامان سڌوسنئون هوائي جهاز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي کان بيروت لبنان جي ل??ءِ روانو ٿيو. سامان روانگي جي تقريب ۾ اين ڊي ايم اي، پرڏيهي وزارت ۽ الخدمت فائونڊيشن جي نمائندن ۽ مقامي انتظاميا جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي موجود هئي. هن فلسطين ۽ ل??نان ۾ جنگي صورتحال ۽ اتان جي عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي متاثر آبادي کي امداد فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن مصيبت ۾ گهيريل ڀينرن ڀائرن جي مدد لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ انهن ڪوششن کي وڌائڻ جي ل??ءِ فلاحي تنظيمن ۽ پاڪستاني عوام جي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان پاران فلسطين ۽ ل??نان جي ل??ءِ امدادي سامان جي اها ٻارهين کيپ آهي. ان کان اڳ فلسط??ن جي ل??ءِ 10 امدادي کيپون جڏهن ته لبنان جي ل??ءِ خميس ڏينهن ٻي امدادي کيپ پهچي وئي. پاڪستان حڪومت لبنان ۽ فلسط??ن جي جنگ سٽيل عوام جي ضرورتن موجب امدادي سامان موڪلڻ جي سلسلي کي جاري رکيو آهي. واضح رهي ته 11 آڪٽوبر 2024ع تي اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيندڙ ميٽنگ دوران وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم جي هدايت تي غزه ۽ ل??نان جي ل??ءِ وزيراعظم ريليف فنڊ جي نالي سان هڪ خصوصي اڪائونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو هو جنهن جي ذريعي عوام پاران عطيو ڪيل امداد گڏ ڪئي ويندي ته جيئن غزه ۽ ل??نان جي مشڪل ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري سگهجي.
وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي پاران غزه ۽ لبنان جي جنگ سٽيل عوام جي لاءِ فلاحي بنياد تي امداد جي فراهمي جو سلسلو جاري
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado